مولابخش ساغر

مولابخش ساغر: شاعر مولابخش ’ساغر‘ ولد شاهه محمد سانگي، پهرين جنوري 1924ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ سڄڻ سانگيءَ ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ ان کانپوءِ لاڙڪاڻي جي مدرسه هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪئي. سي. ايس. ڪاليج شڪارپور مان 1944ع ۾ بي. اي ڪيائين، جنهن بعد ايل. ايل. بي جي ڊگري وٺي وڪالت شروع ڪيائين ۽ پوءِ بدين ضلعي ۾ سيشن جج مقرر ٿيو. شاعريءَ جو ذوق کيس ننڍپڻ کان ئي هو، شعر جي اصلاح ڊاڪٽر عطا محمد ’حامي‘ ۽ محمود ’خادم‘ کان ورتائين. ’ساغر‘ تخلص ڪتب آڻيندو هو. ڪجھه وقت ’سنڌ سڌار سوسائٽيءَ‘ جو سرگرم ڪارڪن به ٿي رهيو. مولابخش ’ساغر‘ جو پهريون شعري مجموعو ’دور ساغر‘ نالي سان 1974ع ۾ ۽ ٻيو نثري نظم جو ڪتاب ’ساز زندگي‘ 1978ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.01.01  عيسوي

شاعر مولابخش ’ساغر‘ ولد شاهه محمد سانگي، پهرين جنوري 1924ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ سڄڻ سانگيءَ ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي محمد پريل مگسي
شهمير سومرو
مراد علي شر
عرض محمد خان لغاري نواب
خانڻ چنجڻي
عبدالله راهي لکوي ميان
مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي
سيد باغ علي شاهه لکوي
راضي فقير رند
اياز رضوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون